ابو عبدالملڪ محدث سنڌي

ابو عبدالملڪ محدث سنڌي: ابو عبدالملڪ محمد، ابو معشر سنڌيءَ جو لائق فرزند هو ۽ پنهنجي زماني جي زبردست عالمن مان هڪ هو. خليفي محمدي انهي کي به مديني مان بغداد آندو. علم حديث مان پيءُ وانگر هي به بهره ور هو. بغداد ۾ ابن ابي ذئب، ابوبڪر هذلي سان سندس ملڻ ثابت آهي. پنهنجي والد جو ڪتاب ”المغازي“ انهن کان روايت ڪيو اٿائين. سندس شاگردن مان سندس صاحب زاده دائود ۽ حسن کانئس روايت ڪن ٿا، ان کان سواءِ ابو حاتم محمد بن ادريس رازي، محمد بن ليث جوهري ۽ ابو يعليٰ موصلي کانئس حديثون روايتون ڪيون آهن ۽ ابو حاتم به ان جي تصديق ڪئي آهي. 99 سال جي عمر ۾ 244هه 838ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0244.00.00  هجري

ابو عبدالملڪ محدث سنڌي: سال جي عمر ۾ 244هه 838ع ۾ وفات ڪيائين .


0838.00.00  عيسوي

ابو عبدالملڪ محدث سنڌي: سال جي عمر ۾ 244هه 838ع ۾ وفات ڪيائين .



ديني عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو عبدالملڪ محدث سنڌي
آخوند رحمت الله سانوڻي ھالائي
ابو علي سنڌي
آخوند عزيزالله ميمڻ
ابوالطيب سنڌي
ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي
ابوالعباس احمد منصوري
ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي
ابو معشر السندي
ابو محمد هالائي مخدوم
ديني عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون